پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ٻاهرين تصوير

پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ٻاهرين تصوير

پبلڪ اسڪول حيدرآباد

پبلڪ اسڪول حيدرآباد: پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو شمار ملڪ جي نامور تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هي اسڪول 1961ع ۾ قائم ٿيو، ان وقت شاگردن جو تعداد فقط 150 هو، پر پوءِ مختلف مرحلن ۾، نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين توڙي انتظامي ميدان ۾ ترقي ڪندي، هن وقت انهيءَ عروج تي پهتل آهي، جو اتي هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ نه فقط سنڌ ۽ پاڪستان بلڪه ملڪ کان ٻاهران شاگرد به هن اداري ۾ داخلا لاءِ مشتاق هوندا آهن.هن اسڪول جي شهرت ۽ مقبوليت جا ڪيترائي سبب آهن. پبلڪ اسـڪـول 100 ايڪـڙن کان وڌيـڪ ايـراضـيءَ تي پکـڙيـل آهي ۽ ايڏي وسيع ايراضي ڇٻر جي ساوڪ سان سٿيل ۽ گلن جي گلزاريءَ سان ٻهڪيل آهي. اسڪول جي عمارت شاندار آهي ۽ هتي شاگردن جي کيڏڻ لاءِ راند جا ڪشادا ميدان آهن، جيڪي شاگرد هاسٽلن ۾ رهن ٿا، انهن جي تعليم، نظرداري، کاڌي خوراڪ ۽ علاج معالجي جو سٺو انتظام آهي. جونيئر ۽ سينيئر سيڪشن جي عمارتن کان سواءِ استادن ۽ ملازمن لاءِ رهائشي ڪالونيون، مسجد، ڊسپينسري، لائبرري ۽ ڪينٽينون پڻ موجود آهن. بنيادي طرح هي هڪ انگلش ميڊيم اسڪول هو، پر ٻهراڙيءَ مان ايندڙ شاگردن جو خيال رکندي، هن اسڪول ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ پنجون ڪلاس پاس ڪيل ٻارن کي به داخل ڪيو وڃي ٿو، جن کي خاص ڌيان ۽ محنت سان هڪ سال اندر ان قابل بنايو ويندو آهي، جو ٻئي سال اهي سنڌي ۽ اردو خوانده شاگرد، ڇهين انگريزيءَ جي شاگردن ۾ ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي هلڻ جي قابل ٿيو وڃن. غير نصابي شعبن ۾ به پبلڪ اسڪول جا شاگرد ڪاميابي حاصل ڪندا رهندا آهن، وقت بوقت ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي امتحانن ۾ به هتان جا شاگرد پوزيشنون کڻندا رهن ٿا. جپان ۾ تصويرن جي بين الاقوامي مقابلي ۾ پاڪستان کي ڪل ٽي سپريم گولڊ ميڊل مليا، جن مان هڪ پبلڪ اسڪول جي ”حماد هاشمي“ نالي شاگرد کٽيو؛ ان کان سواءِ پبلڪ اسڪول ڪيترائي گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ برونز ميڊل کٽيا آهن. پاڪستان جي آزاديءَ جي موقعي تي انٽر اسڪول ملي نغمن جي مقابلن، ميراٿن ريس، پوسٽر مقابلن، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايڊوڪيشن حيدرآباد طرفان ٿيندڙ راندين جي انٽر اسڪول ٽورنامينٽن ۽ انٽر ڊويزنل ائٿليٽڪ چيمپين شپ جي مقابلن ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد هميشه سرسي حاصل ڪندو رهيو آهي. هي اسڪول گورننگ بورڊ جي ماتحت هلندو آهي. هن وقت تائين ان جا ڪيترائي پرنسپال ٿي رهيا آهن، جن ۾ نامور ڪهاڻيڪار جمال رند، پروفيسر محمد اسحاق ابڙو ۽ ٻيا شامل آهن. هن وقت حميد سنڌي ان بورڊ جو چيئرمئن آهي، جيڪو هڪ وقت پبلڪ اسڪول جو پرنسپال به رهي چڪو آهي.


لفظ پبلڪ اسڪول حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو